اسل??م آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڻڪاري کي پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ??لڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ماحولياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪر پڙيان اسل??م آباد ۾ جاپاني طرز تي وڻڪاري جي منصوبي جو افتتاح ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڻڪاري رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن کي بهتر مستقبل ۽ صاف سٿرو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڻٽر قدم آهي. مياواڪي جاپاني طرز وڻڪاري آهي، جنهن تحت روايتي طريقن بدران 10 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ۽ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٻيلا پوکي سگهجن ٿا، 10 ارب وڻ پوکڻ جي منصوبي تحت اسل??م آباد ۾ اهڙي طرح جي 10 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي جاپاني طرز تي وڻڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي، اسان کي ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاهور ۽ پشاور جهڙا ميٽرو پوليٽن شهر ڪڏهن باغيچن جا شهر سڏرائيندا هئا پر آبادين ۽ آل??دگ?? وڌڻ جي ڪري اهي شهر ساوڪ کان محروم ٿي ويا. هن چيو ته هوا ۾ آل??دگ?? جي ڪري ٻار ۽ وڏا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سراسري عمر 11 سالن تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اها صورتحال ان لاءِ پيدا ٿي ته لاهور جهڙي شهر ۾ وڻ وڍي شهر کي پٿرن جو جهنگ بڻايو ويو، ان صورتحال کي وڻڪاري ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان کي ماحول دوست زندگي اختيار ڪرڻي پوندي، وڻڪاري ۽ ماڻهن جا ذهن تبديل ڪري اسان پنهنجي معاشري کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ارب وڻ پوکڻ جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ۽ هاڻي اسان سڄي ??لڪ ۾ 10 ارب وڻ پوکڻ جو به هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ??لڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته اهي ??لڪ ۾ وڻڪاري جي منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪري رهيا آهن.