لاهور – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو جٿو آهي جنهن ۾ ڪنهن جو هڪ ٻئي سان جوڙ نه آهي، هر ڪو پنهنجي مفاد کي کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) پنهنجي قيادت کي ڪلين چٽ ڏيارڻ جي لاءِ پريشر وجهڻ چاهي ٿي پر ان جي مئچ وزيراعظم عمران خان سان آهي جيڪو ناممڪن آهي، سينيٽ چونڊن کي اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي معاملي ۾ شفافيت تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان جي مخالفت اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جيڪي چونڊن ۾ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جو پئسي تي ايمان آهي ۽ انهن پئسي تي ئي سياست ڪئي آهي ۽ پئسي جي ذريعي ئي ماڻهن کي خريد ڪيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ حڪومت اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي ته جيئ?? اهي ماڻهو بي نقاب ٿي سگهن جيڪي چونڊ عمل ۾ شفافيت نه ٿا چاهين. هو سُندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي سينيئر صحافين، دانشورن ۽ وڪيلن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاع??ت واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آندي وڃي ۽ وزيراعظم عمران خان به هڪ عرصي کا?? اها ڳالهه چئي رهيو آهي ته سينيٽ اليڪشن شفاف بڻايون وڃن ۽ان سلسلي ۾ سينيٽ جي 2018ع جي چونڊن ۾ اسان 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ طرف چوي ٿي ته چونڊ عمل شفاف ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ ئي ان جي مخالفت ڪري ٿي، اهي چاهين ٿا ته منحوس طريقي سان خريد ۽ وڪرو ٿيندو رهي پر اها هڪ اهڙي ڪاز آهي جنهن تي ڪو بحث يا ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊيوڊ روز جي معاملي تي احتساب وارو صلاحڪار قانوني نقطا واضح ڪندو پر مخالف ڌر جو اهو شيوو رهيو آهي ته اُها ڳالهه سمجهڻ کان اڳ مٺايون ورهائي ٿي جيئن جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ به ٿيو پر جڏه?? اهي ترجمو ڪري يا تفصيلي ڏسن ٿا ته انهن کي شرمندگي ٿئي ٿي، اهڙن ڪيسز ۾ اڳ ۾ پيراميٽر طئي ٿين ٿ?? ۽ ??يشوز کي فريم ڪيو وڃي ٿو پوءِ بعد ۾ خبر پوي ٿي، مخالفن کي گهرجي ته اهي مٺايون نه ورهائين ڇو ته ان ڪيس ۾ اڃا تمام گهڻو سفر باقي آهي. هڪ سوال تي اطلاع??ت واري وزير چيو ته اسان جي اهڙن عنصرن سان ڪا ڊيل نه ٿي ٿي سگهي جن ملڪ کي ڦريو ۽ سرڪاري وسيلن کي ذاتي استعمال ڪيو هجي، اهڙيون ڳالهيون اسان جي بنيادي فلسفي جي خلاف آهن.