اسلام آباد ??? 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو آهي ته حڪومت سنجيد??ي سان بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جي عمل کي اڳتي کڻي هلي ره?? آهي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ڦورن کان وڏي رقم بازياب ??ئي آهي، ان رقم کي ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ اس??عمال ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتن جي دور ۾ بيدر??ي سان قومي ناڻو ڦري وڏي پئماني تي بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ ڪئي.