اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ڊسمبر 2020ع ۾ روانگي واپار جو رڪارڊ قائم ڪرڻ تي سمورن روانگي واپار ڪندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي معاشي حڪمت عملي ??و اهم ٿنڀ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ 18 سيڪڙو واڌ سان ڊسمبر 2020ع ۾ روانگي واپار جو رڪارڊ قائم ڪرڻ تي سمو??ا روانگي واپار مبارڪباد جا مستحق آهن، شاباش، اهو رجحان قائم رکو، هن چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو اسان جي حڪومت جي معاشي حڪمت عملي ??و اهم ٿنڀ آهي ۽ اسان روانگي واپار واري ڪلچر جي فروغ لاءِ مڪ??ل مدد فراهم ڪنداسين. اي پي پي/ر – م 21:14