راولپنڊي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشي جي ڪينسر خلاف س??ي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ويندي ۽ نئين نسل کي بچائڻ جي لاءِ معاشري کي گڏجي منشيات جي ڏوهن ۽ ڪرپشن سان وڙهڻو آهي، مل?? ۾ 70 لک نوجوان منشيات جي لعنت جو شڪار آهن، اسڪولن جا ٻار به ان جا عادي بڻجي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اينٽي نارڪوٽڪس (منشيات جي خاتمي) باب?? فورس جي هيڊڪوارٽرز جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.