اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي ڦهل??ءُ کي روڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل تقليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سان وبا تي ضابطو آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آهي، هاڻي اسان کي ٻئي ??رحلي ۾ به سنجيدگي، توازن ۽ احتياط جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي ??طح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سط??ي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.