اسلام ??باد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي سرگرمي?? جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??دايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن ??ي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.