اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي ??ق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي ع??م جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي ??ير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قانونن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعدن جي ??لاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلمن جي ??نتها ۽ رياستي دهشتگردي جي ??اوجود ڪشميري عوام پنهنجي ??ودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جي ??لاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي ??بادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو، ڀارت جي ??ير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري ع??ام?? پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.