اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ل??ءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ٻيهر لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گ??ريل 6 هفتن ۾ مثبت ڪيسن جو سراسري 2 سيڪڙو هو جڏهن ته گ??ريل هفتي اها شرح 2 سيڪڙو کان ??ڌي وئي آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.