اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر قائم ڪرڻ جا 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي موق??ي تي اين سي او سي جو دورو ڪيو. وفاقي وزير، ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موق??ي تي موجود هئا. صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم کي ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ ان جي ڦهلاءُ بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي پا??ست??ن جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تحت صحت ۽ معاش جي وچ ۾ توازن، ملڪي معيشت کي جاري رکڻ ۽ ڪورونا جي ??با جي روڪٿام جي ڪوششن ۾ غريب ۽ پورهيت طبقي جي مسئلن جي حل جهڙن قدمن جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موق??ي تي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف جي عالمي اقتصادي جائزي موجب 30 ملڪن جي گروپ مان پا??ست??ن امڪاني ڊائون ٽرن کي منفي 0.4 مان 1.1 تي واپس آندو آهي. پا??ست??ن جو روانگي واپار جولاءِ 2019ع کان مئي 2020ع دوران خطي جي ٻين ملڪن کان تمام بهتر رهيو. ان موق??ي تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي ??با جي خلاف موثر ردعمل ۽ سڄي ملڪ ۾ ٺوس قدم يقيني بڻائڻ جي لاءِ اين سي او سي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اين سي او سي ڪوورنا جي خلاف صورتحال جي روزاني جي بنياد تي مانيٽرنگ، صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ، اعتبار جوڳي ڊيٽا بيس جي تياري ۽ مناسب ايس او پيز جي جوڙجڪ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ڪورونا جي صورتحال ۾ ايس او پيز جي پيروي ڪرڻ ۽ ??با جو چئلينج طور گڏجي مقابلو ڪرڻ تي پوري قوم کي ساراهيو.