اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪري ئي رهندا، ڪشميرين جون پنهنجي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون رائيگان نه وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جاري ڪيل نغمي بابت پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? ڪيو. صدر ان نغمي ”ڪشمير منهنجو نالو آه??“ کي شيئر ڪندي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا آه?? ?? چيو آه?? ته ان نغمي کي ڏٺو وڃي ۽ شيئر ڪيو وڃي.