اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جدت تي ٻڌل انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي ??ستعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، چوٿين صنعتي انقلاب انٽرنيٽ، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان زندگي جو اندا?? بدلجي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو.