سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آ??ي، وزيراعظم سمجهي ٿ?? ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلند?? ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چي?? ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ ه?? ته موجوده صورتحال مان ناجائز فائدو کڻندڙن جي خلاف س??ت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپين جي رقم رکي آهي.