اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي عيسائين خاص طور تي پاڪستاني عيسائي برادري کي ايسٽر ج?? مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيسائي ۽ ٻيون اقليتون پ??ڪستان جون برابر شهري آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن جي حقن کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. ايسٽر تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ايسٽر جو اصل پيغام پيار ۽ خوشي جو آهي.