اسلام آ??اد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن اسان انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مديني جي رياست اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سا??ن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشري جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مديني جي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سا?? پاڪستان ج?? بهترين ٽيلينٽ سا??هون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سا?? کيس دلي خوشي ٿي آهي.