اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ تي سمورين سياسي پ??رٽ??ن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پ??رٽ??ن اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ ??ي مشڪل وقت آيو سموريون سياسي پ??رٽ??ون متحد ٿي وينديون آهن، سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ ??ي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پ??رٽ??ون متحد ٿي وينديون آهن، پيپلزپ??رٽ?? ??اص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون تجويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون سياسي پ??رٽ??ون متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.