اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪا??ن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ اسان کي پنهنجي نوجوانن کي روزگار ڏيڻو آهي، چين سان ڪڏهن به ايترا بهتر لاڳاپا نه هئا جيترا هاڻي آهن، گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. ميسرز ايم ايس ڊي ٽائ?? اينڊ رٻر ڪمپني، ميسرز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊائيوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس جي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائ??ن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.