اپر دير – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ش??يف چيو آهي ته مون کان ڏها??ي استعيفا جي خيرات گهرندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، ڇا آئون انهن جي ووٽن سان ??زيراعظم بڻيو آهيان، 2014ع ۾ شاهراهه دستور چار مهينن تائين يرغمال بڻيل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لواري ٽنل جي افتتاح جي موقعي تي هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، وزيراعظم جو صلاحڪار مهتاب عباسي، مسلم ليگ (ن) جو صوبائي صدر انجنيئر امير مقام، اڳوڻو وڏو وزير پي?? صابر شاهه، چترال مان ??ومي اسيمبلي ميمبر سيد افتخار الدين، مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ جو سربراهه ڪيپٽن (ر) صفدر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هئا.