اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان ماح??لي??تي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جو مڪمل عزم ڪيو آهي. ماح??لي??تي تبديلي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف 30 نومبر 2015ع تي پيرس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ماح??لي??تي تبديلي جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي بيان ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته پاڪستان صلاحيت جي قابل متبادل ٽيڪنالوجيز، موثر توانائي لاءِ قدمن، ماس ٽرانسپورٽ سسٽم تي عملدرآمد، پن بجلي جي فروغ سميت گلوبل ايميشنز ۾ گهٽتائي ۽ ڪيترن ئي ٻين قدمن جو پڪو پهه ڪيو آهي جيڪو اسان جي ترق??ات?? حڪمت عملي جو حصو آهي.