اسلام اباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حڪومت- پي ٽي آءِ باضابطه ڳالهين جي اڃا باقائده شروعات ناهي ٿي، ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ طرفان سنجيده ڪوشش يا عمل جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس دوران شير افضل مروت جي اعتراض واري نُقطي تي ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ان ايوان ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه خوشگوار تبديلي آهي. هن چيو ته امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري هئي، اتي جي حڪومت ڪنهن ٻئي مسئلي ۾ اُلجهيل هئي، ان کي پارا چنار نه اسلام آباد نظر اچي رهيو هو، پهرين ذميداري آئيني، ان کانپوءِ سياسي وابستگيون اچن ٿيون، انهن کي درخواست آهي ته هو صوبي ۾ امن امان تي به توجهه ڏين. هن چيو ته محبتون پيار سان وڌنديون آهن، ڌمڪين سان نه، ڪنهن به زبان يا لهجي ۾ ڳالهه ٿيندي ته ناراضگيءَ کي دعوت ڏيندي. ان ايوان 2018ع کان اڄ تائين ڪيتريون ئي ناراضگيون ڏٺيون آهن. ٻنهي پاسي ناراضگيون هونديون آهن. هن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ باضابطه طور ڳالهين جي شروعات ناهي ٿي، مان ان بابت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان به سڌيءَ ريت تصديق ڪئي آهي. باضابطه ڳالهيون انهيءَ وقت شروع ٿي سگهن ٿيون جڏهن ان حوالي سان ٺوس عملي قدم کنيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته ايوان ۾ ڳالهه ڪئي وئي ته 12 فوتگين تي افسوس جو اظهار ناهي ڪيو ويو، مون کي 26 نومبر جي فوتگين جو صحيح انگ معلوم ناهي، اتي رينجرز، پوليس اهلڪارن جي شهادت جي مذمت هئڻ گهرجي ها. هن چيو ته حڪمراني جڏهن ته پي ٽي آءِ جي هٿ ۾ هئي ته ان وقت اسان سان ڇا ٿيندو هو، اهو به مون کي ياد آهي اڄ جيل ۾ سهولتون گُهريون پيون وڃن، جيل ۾ مون کي صرف هڪ ڪمبل ڏنو ويو هو ۽ هڪ مصلو ڏنو ويو، ان مان 12 سخت ٿڌيون راتيون گذاريون . مون خلاف آرٽيڪل 6 لڳايو ويو، ماضيءَ کي هڪدم وِساري نٿو سگهجي. وفاقي وزير چيو ته گن پوائنٽ، اسلام آباد تي حملي، سول نافرماني جو سڏ ڏيندڙن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. تضاد سان اڳتي نٿا وڌي سگهون، هاڻي سول نافرمانيءَ جو سڏ ڏنو ويو آهي. اهو ڪري وٺو، ان کانپوءِ ڳالهيون ڪنداسين. سياستدان معاملن جي حل لاءِ ڌمڪيون ناهن ڏيندا. هن چيو ته تبديلي اهڙي اچڻ گهرجي جنهن سان سٺو ماحول جُڙي سگهي.