اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي م??ظو??ي ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 مي??برن ما?? ٻه مي??بر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ مي??بر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حسن بورڊ جا مي??بر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي م??ظو??ي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي م??ظو??ي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آهي.