اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ پنجاب جي ??والي سان پنهنجي ??يان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلاول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪر?? لاءِ تيار آهي، شا??ه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي ??ئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شا??ه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي ??حمت نه ڪئي، مون بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي ??ي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي ??صديق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي ??هباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي ??قيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي ??ياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب ??ي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.