اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ ه??ا ۽ آئنده به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ملاقا?? سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ارب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي ٽي ٽ??ز جو ڪيس هلي رهيو آهي، هن چيو ته انهن کي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخا??ف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سياسي پارٽيون ملاقاتون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي سالن کان ??تحادي حڪوم?? سان گڏ آهن ۽ آئنده به گڏ رهندا.