اسلام آباد – 02 ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي ا??تتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کا?? 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينه?? جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي ا??تصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپ?? جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا، وزيراعظم بيجنگ ۾ چي?? جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن ۽ چي?? جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالمي ا??ونٽ جي طور تي سرمائي ا??لمپڪ گيمز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي ا??لمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنهي ا??ڊيش?? جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي ا??لمپڪ گيمز جي ا??قعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ حصيداري کي بلندي?? جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئ?? شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪيترن ئي ا??م او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.