اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي صحت لاءِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي ??ان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، وڌندڙ آبادي ??ان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي زرعي پيداوار وڌائڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ کير تي قومي مڪالمي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري ??ان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خ??تو?? اول بيگم ثمينه عارف علوي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ا??ان پنهنجي ٻارن جي صحت ??ان ٺاهه نه ٿا ڪري سگهون، کير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کير پيدا ??ندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، کير کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر چيو ته قومي مڪالمي کي خطاب ان لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آبادي وڌيڪ هجي ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي ??ان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي ??ان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آهي، معياري ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لازمي آهي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ماءُ جو کير سڀ کان محفوظ ۽ ضروري اهي، ٻارن کي جڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، کير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آهي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کان بهتر ڪا خوراڪ نه آهي، بهتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان مقصد جي لاءِ عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن ??ان ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي، ا??ان احتياط ذريعي بيمارين جو تدارڪ ڪري سگهون ٿا.