اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??رمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته اچو ته گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذه??ي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان ??ي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري قوم کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان ??رمي پبلڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پاڪستاني قوم کي ان ??ردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عنصرن اسان ??ي قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو ??هي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان ??ي پويان ??ها بزدلاڻي سوچ هوندي ??هي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ هٿين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائ??گا?? نه ڏينديون، ان ??انحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمز??ر ٿيڻ بدران ??هشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان ??حت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني قوم جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عنصرن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پئي، اڄوڪي ڏينهن اچو گڏجي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عنصرن جي نشاندهي ڪري ان ??ي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان ??هي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه ??هي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.