xاسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان چيو آهي ته افعانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، ان جي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.
انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مينوفيڪچرنگ فارما ايسو سي ايشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڊرگ ريگوليٽري اٿار??ي پڻ موجود هو. پي پي ايم اي جي چيئرمين قاضي محمد منصور ۽ اڳوڻي چيئرمين اسد شجاع، امان الله شيخ، عثمان شوڪت حامد رضا، حسيب خان، عاطف اقبال ۽ ٻين ميمبرن افعانستان لاءِ اٽڪل 16 ڪرو?? روپيا ماليت جي دوائن جو عطيو ڏنو آهي.
صحت بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽ?? فيصل سلطان پي پي ايم اي جي ڪوششن کي ساراهيو. خاص مددگار چيو ته افغانستان اسانجو برادر پاڙيسري ملڪ آهي، افغانستان جي عوام لاءِ دوائن جو تحفو انهن جي ڏکيائين ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجندو.