اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي اي?? ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪ??ري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي اي?? ڊي يو 254 سرڪ??ري افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪ??ري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خيبرپختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪ??ري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قر??ر ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه 39 سرڪ??ري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪ??ري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪ??ري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خيبرپختونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪ??ري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.