اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خاص مددگار وز??راعظم کي احساس پروگرام تحت قائم پناهگاهن جي حوالي سان بريف ڪيو. وز??راعظم کي احساس پروگرام جي انتظام هيٺ ٻين منصوبن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.