اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ج?? سي??سي معاملن واري خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آ??ي عوام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آج?? نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آ??ي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آ??ي.