اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وف??قي وزير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ متو??ع اضافي جي حوالي س??ن آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي س??ن افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ س??ارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آه??، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آه??.