اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هنن آزادي جي ڏهاڙي جي ??وق??ي تي قوم جي نالي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ جو ڏينهن اسان کي ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي بزرگن جي جدوجهد ۽ ڏنل قربانين جي ياد ڏياري ٿو. هنن چ??و ته بزرگن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هن ملڪ کي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ اسان جي گڏيل ذميداري آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چ??و ته 14 آگسٽ جو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ پنهنجون سموريون توانايون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خرچ ڪنداسين. هن چ??و ته قومي سالميت ۽ ملڪي استحڪام لاءِ جمهوري اصولن تي ڪاربند هجڻ ۽ اجتماعيت ج?? جذبو پيدا ڪرڻ ضروري آهي. هن ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ قوم جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪ??و ته قوم مستقبل ۾ به ان وبا کان بچاءُ لاءِ صحت کاتي پاران جاري ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪندي. هن موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اسپيڪر چ??و ته پاڪستان سدائين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو. هن چ??و ته والاريل ڪشمير جي معصوم شهرين تي ڀارتي ظلم پوري دنيا جي ضمير جو امتحان آهي. هن چ??و ته ڀارتي ظلم ۽ بربريت ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام ڀارتي ڏاڍ کان آزاد ٿيندي ۽ ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اسپيڪر چ??و ته موجوده حڪومت باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي سماجي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته عوام جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار حڪومتي پاليسين تي آهي ۽ موجوده حڪومت ملڪي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي لاءِ جامع پاليسيون جو??ي رهي آهي. ان ??وق??ي تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چ??و ته اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي بزرگن پاران هڪ ڌار ملڪ جي لاءِ ڏنل عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي هنن هڪ اهڙي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ لاءِ ڏنيون هيون جتي هر شهري کي برابر حق حاصل هجن ۽ اهي مڪمل آزادي سان پنهنجي مذهبي عقيدن ۽ رسمن موجب زندگي گذاري سگهن. هن قائداعظم محمد علي جناح جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد جي ضرروت تي زور ڏيندي چ??و ته اسان باباءِ قوم جي رهنما اصولن تي عملدرآمد ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تي گامزن ڪري سگهون ٿا.