اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي موجود?? صورتحال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏ??ند?? ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪورونا وائرس جي موجود?? صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 ه??ار ڪورونا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري و??ند??. صدر چيو ته حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، سڀني تي لازمي آهي ته حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي ه??ايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ??اس?? پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.