اسلام آب??د – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ آءِ ٽي جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ خاص طور تي ڪوويڊ دوران تعليم يافته نوجوانن جي لاءِ تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيا آهن، خاص طور تي ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ ?? اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.