اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ڏنل ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو ويزن پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ ت??ديل ڪرڻ آهي، اسان جي عظيم قوم ماضي ۾ اتحاد ۽ ڀرپور عزم جي ذريعي ڏکين چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اڄ اسان کي ان وبا کي منهن ڏيڻ لا??ِ مضبوط رهڻ جي ضرورت آهي جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رکيو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته 23 مارچ 1940ع هڪ يادگار موقعو هو جڏهن ن??ڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجو پاڻ کي هندو توا ذهنيت جي جبر ۽ غلامي جي چنبي مان آزاد ڪرڻ لا??ِ هڪ ڌار ملڪ جي قيام جو فيصلو ڪيو، اڄ اسان باباءِ ق??م ۽ آزادي جي تحريڪ جي انهن سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن برطانوي هند جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي قيام لا??ِ جدوجهد ڪئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پارا?? بدترين رياستي جبر درپيش آهي، اسان انهن جي جرئت ۽ همت کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لا??ِ ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.