اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل ??هاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو ??تي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيس?? ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل ??لچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي سامونڊ?? فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.