اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌا??ين??و، ان منصوبي سان چين ?? پاڪستان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرا??ين??ا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصا??ي راهداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان منعقد بحث مباحثي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث مباحثي جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.