لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپي?? مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذريعي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ري??ارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن پي آءِ ڊي آفيس لاهور جو د??رو ڪيو ته جيئن علائقائي پريس جي بنيادي مسئلن کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي.