اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان ??وا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿيندي ??هي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسان ??ي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ڪانفرنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان ??ي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان ??يو آهي نه ئي ايندو، دنيا جي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي صو??تح??ل تي اثر پيا آهن، اسان ??ي خطي ۾ ماحولياتي صو??تح??ل سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، موسمياتي تبديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا آهن، هن چيو ته مسلمانن ايمان ??ي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.