اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصا?? جي سينئر پارٽي اڳواڻن هتي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اجلاس ۾ پارلياماني ۽ قانونسازي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم وارو وزير شفقت محمود، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، قانون وارو وزير بئري??ٽر فروغ نسيم ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئري??ٽر شهزاد اڪبر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.