اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا کي روڪڻ جي حوالي سان مثبت نتيج?? تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جو گراف مسلسل هيٺ اچڻ تسلي بخش ڳالهه آهي، اين سي او سي جا اجلاس صوبائي گادي وارن شهرن ۾ منعق?? ڪيا وڃن ۽ صوبن جي ڪوآرڊينيشن سان انتظامي قدمن ک?? وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، عيدالاضحيٰ جي ??وقعي تي حفاظتي قدمن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.