اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ت?? 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ ??يش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ان سان مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيليفون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان ش??دي شده جو??ا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آهن جيڪي پيدائش کان اڳ ??ي يتيم ٿي چڪا آهن.