اسلام ??باد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته هر خاندان ۾ ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ ??ي هنج هوندي آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ معاشري ۾ مقام ??اصل ڪرڻ مشڪل آهي، عورت جي صحت، تعليم، گهر ۽ عوامي جاين تي تحفظ ۽ معاشي ۽ وراثتي حقن جي فراهمي معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي، عالم سڳورا ا??له جي حڪمن جي حوالي سان معاشري ۾ عورتن کي حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.