اسلام آباد – 06 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اي پي پي ۾ ڏور رس سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃ??، اي پي پي ويب ٽي وي جي سيٽلائيٽ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پيمرا سان ??الهيون هلي رهيون آهن، هڪ ارب 14 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اي پي پي ٽي وي کي سگهه ڏيڻ، نئين سروسز متعارف ڪرائڻ، سوشل ميڊيا، گلوبل ريچ ۽ مارڪيٽنگ بابت نوان منصوبا آندا پيا وڃ?? جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي روزاني ايشيئن نيوز جي بندش، صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۽ سجاد ترين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملو ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪي??. ا??ٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ميمبر چو??ري نديم عباس ربيره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو.