اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري آ??ي ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد سان قومي سطح تي نيشنل ايڪشن پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوهن خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.