اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي و??رو وفاقي و??ير اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي و??ير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي و??ير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، ريلوي و??رو وفاقي و??ير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي و??ير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي و??ارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي و??يراعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان م??اقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي و??يراعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران م??اهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.