ڪراچي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل (سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين ڊپارٽمينٽ) مسٽر يوجينيو زوخوف Mr. Eugenue Zhukov سان ملاقات ۾ چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ گهربل رقم 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي تنهنڪري ايشيائي بئنڪ وڌيڪ فنڊ جي کوٽ پورو ڪرڻ لاءِ مدد ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سخت برساتن ۽ ٻوڏن دوران متاثرين (ماڻهن) جا 18 لک گهر تباهه ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ابتدائي ڪاٿي موجب 1.8 ملين گهرن جي تعمير لاءِ 1500 ارب رپيا گهربل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عالمي بئنڪ ٽوٽل گهربل 1500 ارب رپين مان 110 ارب رپيا (500 ملين ڊ??لر) ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايشيائي بئنڪ 1390 ارب رپين جو کوٽ پورو ڪرڻ چاهي ته اسان ٿورائتا رهنداسين ته جيئن سمورن بي گهر ماڻهن کي پناهه/ گهر فراهم ڪري سگهجن. دوري تي آيل اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن وفاقي حڪومت سان 475 ملين ڊ??لرن جو واعدو ڪيو آهي جنهن مان 300 ملين ڊ??لر تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ صوبائي حڪومت جو حصو شامل آهي. 475 ملين ڊ??لرن مان 100 ملين ڊ??لر NHA کي ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي تعمير لاءِ ڏنا ويندا. مراد علي شاهه مسٽر يوجينيو کي ٻڌايو ته مجموعي طور تي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ صوبي کي موسمياتي تبديلين سبب گهڻو نقصان پهتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي اخراج جو حصو 0.8 سيڪڙو رڪا??ڊ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير عالمي برادري ۽ ڊون?? ايجنسين تي زور ڀريو ته هو متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان سهڪار ??ن. مسٽر يوجنيو چيو ته ايشيائي بئنڪ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ منصوبو فراهم ڪندو جنهن تي اي ڊي بي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي وچ ۾ ڳالهيون غور ويڄار هيٺ اينديون. وڏي وزي?? اي ڊي بي جي دوري تي آيل ڊي جي کي ٻڌايو ته مختلف ڳوٺن جا مکيه روڊ ۽ سندن شهرن سان ڳنڍيندڙ ننڍن رستن جي صورتحال خراب آهي. وڏي وزير ننڍن رستن جي بحالي لاءِ هڪ منصوبو تجويز ڪيو ته جيئن ماڻهن جي روزاني آمدني ۽ معيشت لاءِ اچ وڃ کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير ۽ اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل صوبائي روڊن جي بحاليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن لاءِ پي اينڊ ڊي ۽ ورڪس کاتو بئنڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.