موهن جو دڙو- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ٻوڏ سبب متاثر موهن جو دڙو جي تاريخي ورثي کي پهتل نقصان جو جائزو ورتو، پ??ڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد سردار شاهه، پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي موهن جي دڙي کي ٻوڏ سبب پهتل نقصان بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي روايت?? سنڌي اجرڪ به پيش ڪيو ويو.