اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان ??وقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان ??ڌيڪ ٻوڏ درپيش آه?? جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آه??. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان ??ڌي?? متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل گوتريس جو پاڪستان جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آه??. وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ ر??سپ??نس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري جنرل پاران انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ??يدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان ??اڪستان عالمي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آه??. ان جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان ??ڌي?? متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آه??. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان ??وسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ تعاون جو حقدار آه??. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان ??تاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪستان جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي مناسب مدد سان ??وافقت ۽ تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان ??نهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني عوام جي لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان ??ناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آه??. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان ??ريشان آه??. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آه??. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آه?? جنهن جا هو مستحق آه??. سيڪريٽري جنرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آه??. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري جنرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ر??سپ??نس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي دوري دوران ??وڏ کان سڀ کان ??ڌي?? متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.