چارسده – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻ??ڏ ۽ برساتن سبب متاثر هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏيڻ جو عمل 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو، فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 10 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، سنڌ جي ??اءِ 15 ارب رپيا جڏهن ته بلوچستان جي ??اءِ 10 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آهي، خيبرپختونخواهه ۾ متاثر علائقن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪنداسين، ٻ??ڏ ۽ برساتن کان متاثر آخري شخص جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. وزيراعظم ٻ??ڏ ۽ برساتن کان متاثر خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده جو دورو ڪيو جتي وزيراعظم متاثرين جي ??اءِ قائم امدادي ڪئمپن جو دورو ۽ متاثرين جي ??اءِ ڪئمپن ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم متاثرين ۾ چيڪ پ?? ورهايا. وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 16 لک جي آبادي ۽ ٽن تعلقن تي ٻڌل چارسده مان ٽي درياءَ گذرن ٿا، هتي متاثرين جي ??اءِ خيما بستيون قائم ڪيون ويون آهن، ان ضلعي ۾ برساتن سان 5 فوتگيون جڏهن ته 180 ماڻهو زخمي ٿيا، هتي نقصانن جي سروي جاري آهي، 11 هزار ايڪڙ ڪپهه جي زمين برسات کان متاثر ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير آفتاب احمد خان شيرپائو، عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ??رڪزي اڳواڻن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ضمني چونڊن جي ??اءِ جلسا ته ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪوهستان ۾ ڦاٿل 5 ماڻهن کي ڪڍڻ جي ??اءِ انهن جو هيليڪاپٽر نه آيو جڏهن ته ڊي سي ۽ اي سي صوبائي حڪومت سان ان حوالي سان رابطو پڻ ڪيو، هاڻي اطلاعات واري صوبائي وزير بيان ڏنو آهي ته وڏي وزير جو هيليڪاپٽر ان ڪم جي ??اءِ نه آهي. هن وزيراعظم کي چيو ته توهان اڳ ۾ خادم پنجاب هئا هاڻي خادم پاڪستان آ??يو?? اسان کي توهان مان اميدون آهن، صوبائي حڪومت مان ڪا اميد نه آهي. وزيراعظم چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندان ۾25 هزار رپين جي روڪ رقم جي ??رڇ 3 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي ان جي ??اءِ 28 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انگن اکرن تحت هتي پئسا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته نوشهره ۾ به روڪ رقم جي ??رڇ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاق سنڌ جي ??اءِ 15 ارب جڏهن ته بلوچستان جي ??اءِ 10 ارب رپيا مهيا ڪيا آهن، ڪالام، ڪوهستان سميت ٻين متاثر علائقن جود ورو ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ کانپوءِ گرانٽ جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته هو نوشهره مان به ٿي آيو آهي، کيس ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هتي 5 کان 6 فوٽ پاڻي چڙهيو جيڪو هاڻي لهي ويو آهي، اهو الله جو نظام آهي. هن چيو ته في خاندان 25 هزار رپيا پوري پاڪستان ۾ ٻ??ڏ ۽ برساتن کان متاثر ماڻهن ۾ ورهايا پيا وڃن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان م اهو پروگرام جاري آهي، خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 242 ماڻهو فوت ٿيا آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، ڪالام، سوات، دير ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن کي 10، 10 لک رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون، ايين ڊي ايم اي ۽ صوبن سان گڏجي ??تاثرين جي ??ر ممڪن مدد ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته وفاق متاثرين سان گڏ آهي، آخري متاثر شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ٻوڏ سبب فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿ لڳايو پيو وڃي، صوبن سان گڏجي جيستائين ممڪن ٿيو انهن جي ??قصان جو ازالو ڪنداسين. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي ??ونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ مرحومن جي ??اءِ فاتحه خواني ڪئي.